ٽرمپ چونڊن ۾ فراڊ جا الزام رد ڪندڙ سائبر سيڪيورٽي سربراهه کي هٽائي ڇڏيو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) صدارتي چونڊن جي ٻن هفتن کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سائبر سيڪيورٽي جي ملڪي سربراهه ڪرسٽوفر ڪريبس کي برطرف ڪري ڇڏيو.

ڪريبس، ٽرمپ طرفان چونڊن ۾ فراڊ جي الزامن جي مخالفت ڪئي هئي.

ٽرمپ طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪريبس کي فوري طور ان ذميواري کان الڳ ڪيو ويو آهي.

آمريڪي گهرو سلامتي جي وزارت جي هڪ حصي طور ڪم ڪندڙ سائبر سيڪيورٽي ايجنسي 3 نومبر تي ٿيندڙ چونڊن کي آمريڪي تاريخ جون تحفوظ ترين چونڊون قرار ڏنو هو.

ڊونلڊ ٽرمپ اڃا تائين جو بائيڊن هٿان چونڊن ۾ پنهنجي شڪست قبولڻ لاءِ تيار ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.