تائيوان جو ويڙهاڪ ايف 16 جهاز پائلٽ سوڌو گم

 

تائپي (ويب ڊيسڪ) تائيوان جي ايئر فورس جو هڪ ويڙهاڪ ايف 16 جهاز گم ٿي ويو.

تائيواني بچاءَ واري وزارت موجب هڪ پائلٽ وارو جهاز گذريل رات تربيتي مشن تي هو ۽ اڏام جي رڳو ٻن منٽن کانپوءِ اهو ريڊار تان گم ٿي ويو.

تائيوان جي اوڀر شهر هوالين جي ڀرپاسي جي علائقي ۾ وڏي پئماني تي ان جهاز جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته پائلٽ جي حوالي سان اڃا تائين ڪي اطلاع ناهن.

واضح رهي ته تائيوان ۾ گذريل مهيني هڪ ايف فائيو اي جهاز به تربيتي مشن دوران ڪِري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ پائلٽ به فوت ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.