اوپو جو رول ايبل ڪانسيپٽ اسمارٽ فون متعارف

اوپو اسمارٽ فونز جي ڊيزائن ۾ نت نون تجربن لاءِ مشهور ڪمپني آهي.

2013ع ۾ اوپو اين 1 ۾ روٽيٽنگ ڪيمرا ڏني وئي هئي جڏهن ته 2018ع جي اوپو فائنڊ ايڪس ۾ نوچ جي جاءِ سلائيڊ آئوٽ ڪيمرا ڏني وئي.

هاڻ ان چيني ڪمپني هڪ ٻئي منفرد ڊيزائن واري اسمارٽ فون کي پيش ڪيو آهي.

ان مقصد جي لاءِ ان کي رول ايبل ڪانسيپٽ اسمارٽ فون اوپو ايڪس 2021ع پيش ڪيو آهي.

هي ڪانسيپٽ اسمارٽ فون 6.4 انچ کان 7.4 انچ تائين ڦهلجي سگهي ٿو جڏهن ته ڪنهن ويڊيو کي کولڻ تي اسڪرين پاڻمرادي طور تي ايسپڪٽ ريشو کي ايڊجسٽ ڪري ٿي.

ڊسپلي جي اندر موجود ڊوئل رولنگ موٽرز جي ڪري اوپو زيرو ڪريز اسڪرين کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، هي اُهو مسئلو آهي جيڪو اڃان ڪجهه فولڊ ايبل فون بڻائيندڙ ڪمپنين لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي.

 اوپو ايڪس 2021ع ۾ هڪ ڊائنامڪ فريم موجود آهي، جنهن ۾ هڪ لچڪدار فريم آهي جيڪو اسڪرين کي مٿي ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

ڪمپني طرفان ان فون کي وڪري لاءِ پيش ڪرڻ جي باري ۾ ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو.

امڪاني طور تي ان شڪل ۾ هي فون متعارف ٿيندو به نه پر ان ٽيڪنالاجي کي مستقبل جي فونز لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.