حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن جون رهتون ادا ڪري ڇڏيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن جون اربين رپين جو رهتون ادا ڪري ڇڏيون.

صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن کي 24 ارب 42 ڪروڙ رپين جو ادائيگيون ڪيون ويون آهن.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته رٽائرڊ ملازمن جي 2013 کان رهيل پينشن جون ادائيگيون به ڪيون ويون آهن.

صنعت ۽ پيداوار واري وزارت چيو آهي ته ڪُل 7 هزار 594 رٽائرڊ ملازمن کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.