وزيراعظم عمران خان سڀاڻي افغانستان جي دوري تي ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان ويندو.

پرڏيهي کاتي تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي دوري جي دعوت افغان صدر اشرف غني ڏني آهي، وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ عمران خان جو اهو پهريون افغانستان جو دورو هوندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب وزيراعظم جو افغانستان دورو انتهائي اهم نوعيت جو آهي، عمران خان دوري دوران افغان امن عمل ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهائيندو، جڏهن ته واپار، راهداري، ٻه طرفي معاشي سهڪار تي به ڳالهيون ٿينديون.

ترجمان ٻڌايو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ واپار بابت صلاحڪار زراق دائود به وفد جو حصو هوندا، جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيون سينيئر اختياريون به وزيراعظم جي وفد ۾ شامل هونديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.