ٻارن سان زيادتي جون ويڊيوز ڊارڪ ويب تي رکندڙ جوابدار کي 3 ڀيرا موت جي سزا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٻارن سان زيادتي ڪري انهن جون ويڊيوز ڊارڪ ويب تي اپ لوڊ ڪندڙ جوابدار سهيل اياز کي عدالت 3 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جوابدار کي 3 ڀيرا موت جو حڪم ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راولپنڊي جهانگير علي گوندل ڏنو.

عدالت جوابدار کي 3 ڀيرا عمر قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي، جڏهن ته فيصلي موجب ساٿي جوابدار خرم کي 7 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ ڀرڻو پوندو.

جوابدار سهيل اياز تي ڪيترن ئي ٻارن سان زيادتي جا الزام هئا ۽ هن جي خلاف راولپنڊي جي علائقي ٿاڻي روات ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي جا 3 ڪيس داخل هئا.

رپورٽ موجب جوابدار سوين ٻارن سان زيادتي ڪئي ۽ انهن جون تصويرون توڙي ويڊيوز ڊارڪ ويب تي اپ لوڊ ڪيون، هو برطانيا جي عدالت مان به 4 سالن جي سزا ڪاٽي چڪو آهي، جڏهن ته سندس خلاف اٽلي ۾ به ٻارن سان زيادتي جو ڪيس هلايو ويو هو.

جوابدار خيبر پختونخواهه ۾ عالمي اداري جي پراجيڪٽ ۾ ملازم پڻ رهيو ۽ کيس هڪ سال اڳ راولپنڊي مان گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.