مانجهند ڀرسان سياسي، سماجي ڌرين پاران نواب شاھ پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو

مانجهند ڀرسان لاکا شھر جي  سياسي سماجي  ڌرين پاران نواب شاھ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هنيو ويو ،   .ان موقعي تي  ظفير حيدر سولنگي، عبدالغفور ڪاڇي ،سڪندر سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته پورهيت الياس گپچاڻي جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته ڪجه ڏينهن اڳ نواب شاھ جي ايس ايڇ عباس شر. گهر ڀاتين  کي فون ڪئي. ته اوهان َ الياس کي ٻن ڪلاڪن جي جانچ لاءِ پيش ڪريو، پيش ٿيڻ کان پوء کيس پنجن ڏينهن تائين گم ڪرڻ بعد بنا ڪنهن ڪيس هئڻ باوجود هاف فرائي ڪري معزور ڪري ڇڏيو آهي ، هنن  چيو ته واقعي  خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو ته  هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھن تي پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ،هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ،سنڌ هاءِ ڪورت  ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي وارثن سان انصاف ڪيووڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.