ميرپوربٺورو : قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپوربٺورو ۾ 2 هفتا اڳ دڙي ڀرسان قتل ٿي ويل  نوجوان ڏتل خان مگسي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار محمد بخش مگسي کي پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو م، مقتول جي پٽ احسان مگسي، ڀائيٽي عبدالجبار مگسي، عليم مگسي ۽  حافظ اياز مگسي جي اڳواڻي ۾ ميرپوربٺورو جي شورا چوڪ وٽ سجاول ،بٺورو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته  ٻنون پوليس بااثرن جي ونگاري بڻيل هجڻ ڪري ڏتل خان مگسي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار کي گرفتار نٿي ڪري، هنن چيو ته  پوليس علائقي جو ماحول خراب ڪرڻ لاءِ قاتلن کي ڇوٽ ڏئي رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿي، هنن آئي جي سنڌ پوليس سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڏتل خان مگسي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.