احسن اقبال خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪري ورتو.

قومي احتساب بيورو طرفان اڳوڻي وفاقي وزير خلاف احتساب عدالت ۾ داخل ڪرپشن ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته احسن اقبال ناررووال اسپورٽس سٽي منصوبي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو.

ريفرنس جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته احسن اقبال اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي وفاقي حڪومت جا فنڊ صوبائي منصوبي ۾ خرچ ڪرايا.

نيب طرفان ريفرنس ۾ اڳوڻي ڊي جي اسپورٽس بورڊ اختر نواز کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته نيب 23 ڊسمبر 2019 ۾ احسن اقبال کي نارووال اسپورٽس ڪامپليڪس جي اڏاوت ۾ مبينا بدعنواني جي الزامن تي گرفتار ڪيو هو.

نيب دستاويزن ۾ چيو ويو ته نارووال اسپورٽس ڪامپليڪس سٽي منصوبي جي لاڳت 34.410 ملين رپين مان وڌائي 97.520 ملين ڪئي وئي ۽ لاڳت وڌائڻ جي ڪنهن مجاز اٿارٽي يا فورم کان منظوري نه ورتي وئي.

نيب دستاويزن موجب منصوبو رڪارڊ سان گڏ 15 مارچ 2012 ۾ پنجاب حڪومت حوالي ڪيو ويو، پنجاب اسپورٽس بورڊ کي منصوبي جي حوالگي باوجود احسن اقبال ان تي وفاقي حڪومت جا فنڊ خرچ ڪيا.

ن ليگ اڳواڻ تي الزام هنيو ويو آهي ته هن بدنيتي سان منصوبي جو دائرو وڌايو، جنهن جو ڪو مطالبو به نه ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.