چارسده ۾ حساس اداري جي آفيس تي حملو، اهلڪار شهيد

چارسده(ويب ڊيسڪ) حساس اداري جي آفيس تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ حملي آور به مارجي ويو.

تفصيل موجب چارسده ۾ حساس اداري جي آفيس تي هڪ شخص فائرنگ ڪري اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس بروقت جوابي ڪارروائي ڪندي حملي آور کي ماري ڇڏيو جڏهن ته هن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪري ورتا آهن.

ڊي پي او چارسده موجب دهشتگرد سرڪٽ هائوس کي ٽارگيٽ بڻايو هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي، ضلعي ۾ پهرين ئي ٿريٽ الرٽ هو پر واقعي کان پوءِ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.