ڪراچي ڪنگز جي سوڀاري ٿيڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي:بنگل خان مهر

جنگلي جيوت ۽ راندين بابت وڏي وزير جي خاص مددگار مير بنگل خان مهر ڪراچي ڪنگز کي سوڀارو ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته  ڪورونا سبب پي ايس ايل جون مئچون متاثر ضرور ٿيون پر ايونٽ ڪاميابي سان مڪمل ٿيو جنهن تي کيس خوشي  ٿي آھي. خانڳڙھ ۾ پنهنجي رهائشگاه تي مختلف وفدن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مير بنگل خان مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سيڪيورٽي جا انتظام رڳو سنڌ ۾ ئي نه پر پوري ملڪ ۾ بهترين ڪيا ويا, هاڻي ٻاهرين ملڪن جي ٽيمن کي ڪو به پاڪستان اچي کيڏڻ تي خدشو نه ڏيکارڻ کپي . مير بنگل خان مهر جو چوڻ ھو ته پي ايس ايل يا قومي ٽيم ۾ سنڌي رانديگرن جي نه کيڏائڻ وارو سوال اڃا موجود آھي ، اميد ته پي سي بي ايندڙ سيزن لاء سنڌي رانديگرن کي ميرٽ جي بنياد تي بهترين موقعا ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.