بدين : ناياب نسل جا پکي پڪڙي شهر ۾ وڪرو ڪندڙ جوابدار سوگهو

بدين جي مختلف علائقن مان ناياب نسل جا پکي پڪڙي شهر ۾ وڪرو ڪندڙ جوابدار کي سوگهو ڪيو ويو ،

ايوان صحافت جي صحافين جي ٽيم ڪامياب ڇاپو  هڻي روزانو زنده پکي جهلي شھر ۾  وڪرو ڪندڙ عرس ملاح کي سوگهو ڪري ورتو ، عرس ملاح وٽ ناياب نسل جا  سوين پکي موجود هئا،  ھن اعتراف ڪندي چيو ته ھو. روز ھڪ سئو زنده پکي لاکو پير جي ڍنڍ تان نالي واري واپاري الھ بخش ملاح کان خريد ڪري شھر ۾ ٻه سئو روپين جي حساب سان وڪرو ڪندو آهي ،  ھن  اهو به اعتراف ڪيو  ته ھو ھر مھيني وائلڊ لائف کاتي جي انچارج جي آفيس تي وڃي  15 ھزار روپيا منٿلي پڻ پھچائي ٿو.  جنھن کانپوءِ کيس پکي مارڻ جي اجازت مليل آهي. ٻئي پاسي وائلڊ لائف کاتي جي آفيسر سريش ڪمار سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون نه  ئي کنيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.