ھالاڻي : ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو

ھالاڻي ڀرسان ڳوٺ ھوت خان جلباڻي جي غريب ۽ متاثر ڳوٺاڻن پاران زمين تي قبضي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ڳوٺاڻن پريس ڪلب ھالاڻي  پھچي احتجاج ڪيو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڳوٺاڻن عبدالطيف جلباڻي ،مسمات بيبان،  محمد نفيس جلباڻي، شفيق جلباڻي ۽ ٻين چيو ته انهن جي ڳوٺ جي  پوليس  ايس ايڇ او  ۽ ان جي ڀاءُ  انهن سان قھر ڪري ڇڏيا آھن،  انهن جي 6  ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري ھٿيار بند ويھاري ڇڏيا آهن ۽ انهن کي گھرن مان به بي گھر ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڪافي سالن کان جيڪو فصل ٿئي ٿو اهو به لُڻي کڻائي ٿا وڃن ،  انهن خلاف ڪجهه ڪُڇڻ تي هو ڌمڪائي رهيا آهن ته توھان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائينداسين، ھنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ، سنڌ جي وڏي وزير ۽  آء جي سنڌ  کان مطالبو ڪيو ته  انهن جي زمين واپس ڏياري انهن جي سان انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.