ڀرياسٽي : پوليس چوڪي تان 2 جوابدار فرار،6 اهلڪار گرفتار،لاڪپ حوالي

ڀرياسٽي ٿاڻي تي ڌاڙي ۽ مخلتف  ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل ٻه جوابدار ديدار ميرجت ۽ علي دوست بروهي  ڀريا باءِ پاس تي قائم  روشن چوڪي تان فرار ٿي ويا . جوابدار ن جي فرار ٿيڻ سبب پوليس اهلڪار سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا،  ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري نوٽيس وٺي 6 اهلڪارن کي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو . جن ۾  ايس ايڇ او ڀريا راڻا جمشيد راجپوت، وڏي منشي سونهارو لاڙڪ، جمعدار عمر بلادي، 3 اهلڪار صالح بروهي ، جمال وسطڙو  ۽ غلام مصطفيٰ شر شامل آهن، نوشهروفيروز ٿاڻي تي لاڪپ ٿيل پوليس اهلڪارن خلاف ڀرياسٽي ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪيو ويو . فرار ٿيل جوابدار مختلف ڏوهن ۾ روپوش ۽ ڌاڙن ڦرن جي ڪيسن ۾ ملوث هيا ،گرفتار ٿيل اهلڪارن کي اڄ رمانڊ جي لاءِٰ ڀرياسٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.