حيدرآباد: ايس ٽي پي جو مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي قتل،سڀاڻي هڙتال جو سڏ

ٽنڊو الهيار ۾ هٿياربند جي حملي ۾ ايس ٽي پي جو مرڪزي وائس چيئرمين   الطاف جسڪاڻي قتل ٿي ويو، پارٽي جي سربراهه قادر مگسي پاران واقعي جي مذمت ڪندي  چيو آهي ته في الحال نه ٿو چئي سگهجي ته فائرنگ ۾ ڪير ملوث آهي، الطاف جسڪاڻي تي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ کان پوءِ کيس فوري طور زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو ، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ، ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سول اسپتال پهچي ويو ، اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد:ٽنڊو الهيار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾  زخمي ٿيل سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو ، الطاف جسڪاڻي جي گاڏي تي ٽنڊو الهيار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن سبب سندس گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي ۽ هو زخمي ٿي پيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو جتي سندس آپريشن هلندڙ هو ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ترقي پسند پارٽي جي ترجمان موجب الطاف جسڪاڻي جي شهادت واري واقعي خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ پرامن هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته الطاف جسڪاڻي کي سڀاڻي ٽنڊو الهيار ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.