”لاهور جلسي لاءِ حڪومت کان اجازت جي ضرورت ناهي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٿيندڙ جلسي لاءِ اسان کي حڪومت جي اجازت جي ضرورت ناهي.

ماڊل ٽائون لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ڇا حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ حڪومت اسان کان اجازت وٺندي؟

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته جلسا جلوس حڪومت جي خلاف تحريڪ جو پهريون مرحلو آهي جڏهن ته حڪومت مخالف تحريڪ جو ٻيو مرحلو فيصلو ڪندڙ هوندو.

ن ليگ جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته نيب کان پوءِ اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ ار کي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، حڪمران ٽولي جي انتقام جي باهه ٿڌي ئي نه پئي ٿئي.

جلسن جلوسن ۾ ڪورونا پکڙجڻ بابت سوال تي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته اسان حڪومتي پروپيگنڊه کي رد ڪيون ٿا، پنهنجي پروٿرام تي عملدرآمد جاري رکنداسين.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته حڪومتون پنهنجي آخري ڏينهن ۾ اهڙيون سازشون ڪنديون آهن، پر اسان اهڙين سازشن کان ڊڄنداسين نه پر جرات سان پنهنجي پروگرام کي اڳتي وڌائينداسين ۽ ڪامياب به ٿينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.