بابر اعظم ڪراچي ڪنگز کي پهريون ڀيرو پي ايس ايل چيمپيئن بڻائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڪنگز بابر اعظم جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان پي ايس ايل فائنل ۾ لاهور قلندرز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پاڪستان سپر ليگ فائيو جو فائنل ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏيو ويو.

واضح رهي ته ٻئي ٽيمون پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتيون هيون.

ان موقعي تي لاهور قلندرز جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 134 رنسون ٺاهي سگهي.

لاهور طرفان تميم اقبال 35 ۽ فخر زمان 27 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا، ڪراچي جي وقاص مقصود، عميد آصف ۽ ارشد اقبال 2-2 شڪار ڪيا.

جواب ۾ ڪراچي ڪنگز گهربل هدف 18.4 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ٽائيٽل پهريون ڀيرو پنهنجي نالي ڪري ورتو.

فاتح ٽيم طرفان بابر اعظم 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ موٽيو، جنهن عيوض کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پليئرآف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ به بابر اعظم ٻهاريو.

شاهين آفريدي کي ٽورنامينٽ جو بهتري بالر، جڏهن ته فخر زمان کي بهترين فيلڊر قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.