”نواز شريف ادارن سان ٽڪرائي پنهنجي سياست کي دفن ڪيو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف جو نظريو فوج جي خلاف آهي ۽ هن ادارن سان ٽڪرائي پنهنجي سياست کي دفن ڪيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪالهه ڪراچي سرڪلر ريلوي هلڻ واري آهي، سر ڪلر ريلوي پپري کان سٽي ريلوي اسٽيشن تائين هلائي ويندي ان جي ذريعي اورنج لائن کان بهتر سهولت ڏينداسين.

هن چيو ته 8 مهينن ۾ 43 ڪلو ميٽر جو ٽريڪ جوڙيو آهي، جديد اربن ٽرانسپورٽ هلائينداسين.

ملڪي سياست تي ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته نواز شريف ادارن سان ٽڪرائي پنهنجي سياست کي دفن ڪيو، سندس نظريو فوج جي خلاف آهي، هي ماڻهو جي مخالفن جي مدد ڪري رهيا آهن، نواز شريف ۽ مريم نواز فوج جي خلاف ڳالهائي عمران خان جي مدد ڪئي آهي.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان الزام هڻڻ کان پهرين جاچ ڪري، شبر زيدي جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

گلگت ۾ چونڊن جي حوالي سان ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته زندگي ۾ گلگت بلتستان جهڙي شفاف اليڪشن ناهي ڏٺي، گلگت بلتستان ۾ هڪ جلسي کان ٻئي جلسي ۾ ماڻهو ويا، پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ وڌا ويا ايترا ئي نڪتا.

سندس چوڻ هو ته اميدوار هڪ هڪ ٻن ٻن ووٽن کان کٽيا آهن، جمهوريت جي فتح ٿي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ سمجهه هجي ها ته اليڪشن کان پهرين اتحاد ڪن ها، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ٻنهي پارٽين اتحاد ڪري ورتو پر آزاد ڪشمير ۾ به پي ٽي آءِ جي حڪومت بڻجندي، پي ٽي آءِ جي اڪثريت تي هي اڃان وڌيڪ رڙيون ڪندا.

وفاقي وزير چيو ته بند گهٽي ۾ وڃڻ سان هوا اڃان خوفناڪ ٿي ويندي آهي، سياستدانن کي سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن پارٽي سينيٽ ۾ ووٽ ڏيڻ تي ڪنهن شخص کي نوٽيس جاري ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.