خيرپور ڀرسان گاڏي ۾ مبينا طور باهه لڳڻ سبب اي ايس آءِ بلاول وساڻ سڙي فوت

خيرپور(ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان گاڏي ۾ مبينا طور باهه لڳڻ سبب اي ايس آءِ بلاول وساڻ سڙي فوت ٿي ويو جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير منظور وساڻ، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار نواب وساڻ ،ايم پي اي منور وساڻ شهريار وساڻ ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت علائقي جي سياسي سماجي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جنازي نماز بعد ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪ آهي اي ايس آئي کي قتل ڪيو ويو آهي.

شڪ جي بنياد تي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٻيا ماڻهو به ملوث هجن جڏهن ته جاچ ڪري رهيا آهيو ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيندي جلد رپورٽ اچي ويندي، ايس ايس پي خيرپور

 مرحوم بلاول وساڻ سابق گھرو وزير منظور وساڻ جو ڏوهٽو، معاون خاص حاجي نواب وساڻ جو ڀاڻيجو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.