”ڪورونا تي حڪومت جي پاليسين ۾ تضاد آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته اِها رياست جي ذميواري آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرائي پر ڪورونا بابت حڪومت جي پنهنجي پاليسين ۾ تضاد آهي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ڪورونا جي ڪري انڊور شادي هال تي پابندي جي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پاڻ ته پابندي نه پيا ڪيو، حڪومتي پاليسين ۾ تضادآهي.

عدالت مارڪيز جي وڪيل سردار تيمور اسلم کان سوال ڪيو ته توهان کي ڇا گهرجي؟ توهان جو والد ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪورونا جي جيڪا صورتحال آهي اسان کي ته پاڻ سموريون شيون بند ڪرڻ گهرجن، ڪورونا جي هي لهر ڏاڍي سنجيده آهي ان ڪري اسان کي سخت احتياط جي ضرورت آهي، برطانيا ۾ پوليس کي اختير آهي ته هو ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ به ڪري سگهي ٿي، اها ته ريصاست جي ذميواري آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرائي، ڪورونا بابت حڪومت جي پنهنجي پاليسين ۾ تضاد آهي، ڪورونا جي ڪري ته پارليامينٽرين به لاڏاڻو ڪري چڪا آهن.

عدالت چيو ته ايس او پيز جي باوجود جيڪو ڪجهه گلگت بلتستان ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ نظر آيا اُهو ڏاڍو ڳڻتي جوڳو آهي، اِها حڪومت جي ذميواري آهي ته هو پاڻ به پنهنجي ٺاهيل ايس او پيز تي عمل ڪري، ڪورونا جي ڪري مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ڪنهن کي ڪا خبر ناهي.

چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته اسان کي پارليامينٽ مان ته گهڻيون ئي اميدون آهن پر هو پنهنجو صحيح نه پئي ڪري، ڪير به اِهو نه پيو سوچي ته اڳيون نشانو هو پاڻ به ٿي سگهن ٿا، منهنجي خيال ۾ هي ئي موقعو آهي جو سمورين سياسي پارٽين کي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، غير معمولي حالتن ۾ ليڊرشپ جا غير معمولي فيصلا هئڻ گهرجن.

بعد ۾ عدالت ڪورونا جي ڪري انڊور شادي هالز ۽ مارڪيز جي 20 نومبر کان بندش جي خلاف درخواست اُڪلائي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.