عدالت ڪيپٽن صفدر خلاف قائد اعظم مزار بي حرمتي ڪيس ختم ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر جي خلاف قائد اعظم جي مزار جي بي حرمتي وارو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

پوليس ڪيس بي ڪلاس يعني ڪوڙو قرار ڏيڻ واري رپورٽ جمع ڪرائي هئي ۽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته ڪيس جي فريادي جي واقعي واري هنڌ موجودگي ثابت ناهي ٿي، ڪيس جي فريادي پوليس وٽ پنهنجو بيان به ريڪارڊ ناهي ڪرايو.

ڪراچي جي جوڊيشل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت پوليس طرفان ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ جي رپورٽ تي فيصلو ٻڌائيندي پوليس جي ڪيل بي ڪلاس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي.

عدالت ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ ٻين جي خلاف ڪيس سي ڪلاس يعنيٰ رد ڪري ڇڏيو.

عدالت چيو ته ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر ۽ ٻين جي خلاف ڪيس ۾ خاص شاهديون ناهن اهڙي ڪيس کي هلائڻ عدالتي وقت جو ضيان آهي،  شاهدين موجب ڪيس ۾ نه ڪنهن کي سزا ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي وڌيڪ ڪارروائي جو ڪو نتيجو نڪري سگهي ٿو.

عدالت صفدر اعواڻ جي زر ضمانت جي رقم به واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪيپٽن (ر) صفدر جي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي مائٽ وقاص جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.