باقراڻي ويجهو ٻن ڌرين ۾جهيڙو، فائرنگ، نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي ڀرسان هٽڙي غلام شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي جتوئي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي  تڪرار تان مبينا طور هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري سوڀوديرو واسي نوجوان مهمان مور پٽ عادل تونيو سخت زخمي ٿي پيو جن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي مائٽ ارشد جتوئي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي بااثرن سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن ڳالهه تان اڄ بااثرن مصطفيٰ جتوئي، پکي جتوئي پنهنجي ٻن نامعلوم هٿياربندن سان گڏجي گهر ۾ گهڙي سوڀوديرو مان مهمان ٿي آيل نوجوان مور پٽ عادل تونيو کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا جنهن کي اسان زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو آهي. هن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.