لکي غلام شاهه لڳ مڙس هٿان ماريل عورت جي قبرڪشائي، جوابدار گرفتار

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاھ ويجهو دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مائي ڄامڙي ۾ اڍائي مهينا اڳ مڙس هٿان سروٽا هڻي قتل ڪيل نوجوان ناري ڪلثوم کوسي جي قبرڪشائي سول جج  لکي غلام شاھ فياض احمد ميتلو جي موجودگي ۾ ڪئي پئي وڃي، قبرڪشائي دوران چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽر امان الله ڀٽو، ڊاڪٽر شمس الدين کوسو ۽ ليڊي ڊاڪٽر نائله شيخ موجود هئا،جن قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا. ,ياد رهي ته اڍائي مهينا اڳ غلام علي کوسي پنهنجي ويهن سالن جي زال ڪلثوم کوسي کي سروٽا هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ لکي غلام شاھ پوليس کي ڳري رشوت ڏيئي لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو هو جنهن کانپوء ميڊيا تي خبر بريڪ ٿيڻ کانپوء دائم ملڪ ٿاڻي جي پوليس اڳوڻي ايس ايڇ او قمرالدين مزاري جي فرياد تي ناري جي مڙس غلام علي کوسو ,ناري جي پيُ هزار خان کوسو سميت پنجن ڄڻن تي ايف آء آر داخل ڪري لکي ٿاڻي جي حد ڄامڙا ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ناري جي مڙس ۽ پيُ کي گرفتار ڪري ورتو هو،ناري کي بنا پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي دفن ڪرڻ جر ڏوه ۾ لکي ٿاڻي جي اي ايس آء طالب ڪوري کي ايس ايس پي سسپنڊ پڻ ڪيو هو، ۽ دائم ملڪ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او قمرالدين مزاري سيشن ڪورٽ شڪارپور ۾ قبرڪشائي لاء درخواست دني هئي جنهن جي اڄ قبرڪشائي ڪئي ڪري جزا ورتا ويا، هوڏانهن قبرڪشائي جي ٽيم جي حفاظت لاء شڪارپور لائين، لکي غلام شاھ،جهان خان، دائم ملڪ، چڪ،وڳڻ، آباد ملاڻي ٿاڻن سميت وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.