ماٿيلي ۾چاچڙ برادري جي گهرن تي حملو، سڱ چٽي، احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : نصرالله گڏاڻي) چاچڙ برادري جي مرد ۽ عورتن ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي بااثرن پاران ھمراھ کي ڪارنھن جو تھمت ڏيڻ،حملو ڪرڻ ۽ جرڳي ۾ نياڻي جي سنڱ چٽي جي فتواي  خلاف ميرپورماٿيلو ۾ احتجاج ڪيو آھي،ان موقعي تي ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي ڳوٺ ڊرنگ چاچڙ جي رھواسين حافظ قيوم چاچڙ، عبدالرحيم چاچڙ، مائي عالمو چاچڙ، مائي سوناري چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپورماٿيلو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھيو ته جوابدار عمر چاچڙ 6 مھينا اڳ پنھنجي زال حسينا چاچڙ سان مولوي ممتاز علي چاچڙ کي ڪارنھن جو تھمت ڏيئي اعظم چاچڙ ۽ لطف چاچڙ جي اڳواڻي ۾ پاڻمرادو جرڳو ڪري 3 لک روپيه ڏنڊ مقرر ڪرڻ سان گڏ الزام ھيٺ آيل ممتاز چاچڙ جي 4 ورھين جي پوٽي ياسمين کي سنڱ چٽي طور ڏيڻ جي فتواي جاري ڪئي،سنڱ نہ ڏيڻ تان عمر چاچڙ،عثمان چاچڙ، واجد چاچڙ ۽ اعظم چاچڙ سميت ڏھ جوابدارن حملو ڪري ممتاز جي ڀاء ڪوڙو چاچڙ کي سخت زخمي ڪري موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا. ھنن وسوارن کان جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏيئي انصاف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.