حيدرآباد ۾ ڪورونا جي پکيڙ تيز، هڪ ڏينهن ۾ 103 ڪيس ظاهر

حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن ڊاڪٽرن ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻن چيو آهي ته ڪورنا وائرس هڪ خطرناڪ وبا آهي، جنهن کي احتياطي اپائن جي ذريعي ئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ لاءِ عوام ۾  جاڳرتا پيدا ڪري ماڻهن کي انهيءَ موذي بيماري کان بچائي سگهجي ٿو. هن اهڙو اظهار نشاط ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان سي پي ڊي آءِ جي تعاون سان عوامي سهولتن جي فراهمي کي مستحڪم بنائڻ جي حوالي سان مذاڪراتي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد ڊاڪٽر لالا جعفر خان چيو ته حيدرآباد ۾ ڪرونا وائرس جي ٻي لهر خطرناڪ رخ اختيار ڪري وئي آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن 793 ماڻهن جي ورتل سيمپلز مان 103 ڄڻن جي رپورٽ مثبت آئي، جيڪا فڪر جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ماڻهن جي اڪثريت ڪرونا کي هڪ افواه سمجهي رهي آهي، جنهن سان ان مرض ۾ اضافي جو خدشو وڌي ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي اسپتالن ۾ آءِ سي يو ۽ هاءِ ڊپينڊنسي يونٽس ۾ ماڻهن کي رکڻ جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته روزانو مريضن جي انگ ۾ اضافو اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪرونا وائرس جو هن وقت تائين ڪو به علاج ناهي، تنهن ڪري ان کي روڪڻ لاءِ احتياطي اپاءَ ئي واحد ذريعو آهي، جنهن سان وائرس جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ٿو. لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشوورو جي ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر نذير حيدر شاهه چيو ته ڪرونا کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان مقصد لاءِ ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جون تنظيمون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.