چيلهار ۾ سياري جي موسم ايندي ئي ناياب پکين ۽ جانورن جو شڪار شروع

چيلھار ( ن ع آ ) سياري جي موسم ايندي ئي ھر سال جئيان ھن سال بي شڪاري چيلھار ۽ ڀرپاسي ترسيل وڏي انگ ۾ موجود ناياب  نسل جي جانور توڙي پکين جو بيگناھ رت وھائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن  تتر ھرڻ مور جي ٻچن جو شڪار ڪرڻ مارڻ لاءِ چوڌاري پنھنجا خوفيا ٺاڪاڻا قائم ڪري ڪلاشنڪوفون, پاليل تتر دوناليون تيار ڪري تاڻي ورتيون آھن،  جئين ناياب نسل جي جانورن جو آساني سان قتل عام ٿي سگھي اھڙي سردي ۾ ھرڻ تتر مور جا ٻچا پنھنجي ماءُ کان جدا ڪرڻ ٿڌي واري تي گولين جو سولي نموني کاڄ بڻائي سگھن شڪارين جي اھڙي تر تپائڻ شھر جي سڄاڻ ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لھر پکڙجڻ بعد عوامي آواز چيلھار وائلڊ لائيف کاتي بابت پتو لڳايو تي اھا معلوم ٿيو تي جنھن ناياب نسل جي جانور پکي جو تحفظ ڪري شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ وارو کاتو جا اڪثر ڪامورا شڪارين سان مليل ملوث رابطي ۾ ھوندا آھن شڪارين کي ھرڻ تتر مور جي ترسيل ھئڻ واريون جڳھيون ڏسيندا آھن ايتري قدر وائلڊ لائيف کاتي جا ڪجهھ اھلڪار شڪارين کي پڪڙڻ لاءِ پيڇو ڪن ٿا تي انھن شڪارين کي ساڳئي کاتي جا ملوث ملازم توڙي اعلي سطع جون اختياريون اڳ ئي ھوشيار ڪري ڇڏين ٿا، شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي شھرين وشنو ميگھواڙ، ھوٿي ڀيل، ڪيول ڀيل ۽ ٻين شڪارين خلاف ڪاروائي تيز ڪرائي ناياب نسل جو وھندڙ بيگناھ رت بند ڪرائڻ جو مطالبوڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.