شهيد خالد محمود جو پيغام حق ۽ سچ جو پيغام هو: ناصر محمود

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شهيد علامه خالد محمود سومرو جي ياد ۾ 26 نومبر جي ڏينهن شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ رٿيل شهيد اسلام  ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مولانا ناصر خالد محمود سومرو طرفان رتوديرو جي مختلف علائقن جا دورا ڪيا ويا. دوري دوران محبت علي کهڙو، مولانا طارق حسين پنهور، محمد مراد معرفاڻي، طارق حسين سومرو،مولانا احسان احمد جمالي،مولانا عبدالغفار جويو، محمد اسماعيل دراني، آصف علي مگسي، مولانا حميدالله سيال ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ناصر خالد محمود سومرو چيو ته سنڌ ڌرتيءَ جي بهادر فرزند شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پارٽيءَ جو مثالي اڳواڻ هو جنهن جو پيغام حق ۽ سچ جو پيغام هو، سندس عظيم جدوجهد تي کيس سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ هڪ وڏو عوامي سيلاب ايندو، جيڪو سامراجي ايجنٽ ان عوامي سيلاب ۾ لڙهي ويندا، جي يو آءِ کي پنهنجي بهادر ڪارڪنن تي فخر ۽ ناز آهي. هن چيو ته ڪشمور واقعي سان عوام جا ڪنڌ شرم کان جھڪي ويا آهن، واقعو انتهائي افسوس ناڪ حڪومتي غفلت ۽ نااهليءَ جو کليل ثبوت آهي، سنڌ پوليس جو ڪردار مثالي آهي، معصوم نياڻي عليشيا واقعي تي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي جدوجهد جي ڪري وفاقي سليڪٽيڊ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم نااهل حڪومت جي خاتمي تائين جدوجهد ڪندي رهندي، پاڪستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏبو، مهانگائي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ نااهل نيازي سرڪار وٽ ڪابه پاليسي موجود نه آهي ڇو ته موجوده سليڪٽيڊ حڪومت ۾ مهانگائي روڪڻ جي صلاحيت موجود نه آهي، ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ نااهل حڪمرانن کي اقتدار مان الڳ ٿيڻو پوندو. سليڪٽيڊ حڪمرانن جي نالائقين جي ڪري عوام سورن ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.