خيرپور ۾ ڪوٽڏيجي واسي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

خيرپور (ڊر )ڪوٽڏجي تعلقي جي ڳوٺ مراد گوپانگ جي رھواسي محمد يوسف گوپانگ پريس ڪلب خيرپور ۾ ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو آھي ته منهنجي ڀيڻ مسمات گلان  پنهنجي مڙس ڪمال گوپانگ سان سازباز ڪري اسان جي ھڪ ايڪڙ 20 گھنڊا زمين جا کاتا ڀڃرائي پنهنجي نالي تي ڪرائي زمين تي قبضو ڪري ورتو آھي ھن ٻڌايو ته اسان 2 ڀائر آھيون ۽ اسان کي 4 ڀينر آھن جن مان اسان جي ھڪ ڀيڻ مسمات گلان پنهنجي مڙس سان گڏجي اسان سان فراڊ ڪيو آھي ۽ ھاڻي اسان جي ٻي ديھ قائم ڳوٺ جي ھڪ ايڪڙ زمين جا کاتا بدلائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن جوابدار با اثر آھن جيڪي اسان تي ڪوڙا ڪيس ڪري اسان کي حراسان ڪري رھيا آھن ھن ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون، گهوٽڪي ۾اميدوارن کي آجياڻو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سنڌ بار ڪائونسل جي اليشڪن جي تيارين جو سلسلو جاري آھي ان سلسلي ۾ گهوٽڪي جي وڪيلن پاران گهوٽڪي جي بار ڪائونسل ٻاهران وائيس آف  سنڌ لائيرز پينل جي اميدوارن، گهوٽڪي جي اميدوار ايڊوڪيٽ وزير احمد گهوٽو ، نوابشاه جي ڪريم بخش رند ، سکر جي اميدوار شمس دين ڪوڀر , حاجي شمس راڄپر ، نوشهروفيروز جي امتياز حسين ميمڻ ، جي مان آجياڻو ڏنيو ويو، جنهن ۾ ايڊوڪيٽ شاھ نواز وسير , لال بخش گهوٽو , سيد عبدالطيف شاھ ، سميت گهوٽڪي بار جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان وڪيلن جي حقن جي جنگ وڙھي رهيا آهيون، وڪيلن جي ڀلائي ۽ بهتري اسانجي عبادت ۾ شمار آھي سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد وڪيلن کي جائز حق ڏيارڻ آھي، وائيس آف سنڌ لائيرز پينل جي وڪيلن هميشه وڪلاء برادري جي فلاح ۽ بهبود لاء ڪوششون ڪيون آھن، ان موقعي تي گهوٽڪي جي اڪثر وڪيل برادري پاران وائيس آف سنڌ پينل جي مڪمل حمايت جو پڻ اعلان ڪيو ويو، گهوٽڪي(ڊ ر)هندو برادري جي مذهبي ڏڻ ڏياري جي حوالي سان پ پ جي ضلعي انفارميشن آفيس ۾ تقريب ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو، خبرموجب هندو برادري جي مذهبي ڏڻ ڏياري جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي انفارميشن آفيس ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ضلعي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري عبدالمجيد لاکو، سٽي صدر عبدالغني لاکو، ضلع گهوٽڪي جي نائب صدر سکديو هيمناڻي، سيد رضوان شاه جيلاني، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊوڪيٽ سڌام چند، اصغر علي پنهيار، جاني شنڪر، ڀڄن لعل دولتاڻي، ڊاڪٽر محمد ياسين لولائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڏياري جي تقريب جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي ضلع گهوٽڪي جي نائب صدر سکديو هيمناڻي ۽ ٻين چيو ته هندو برادري پنهنجا مذھبي ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي آھي ۽ پنهنجون ڌرمي رسمون ادا ڪري ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاء دعائون پڻ گهريون وينديون آھن،  ڏياري جو ڏڻ حق جي فتح ۽ ظلم جي شڪست جو ڏينهن آھي.

مدئجي ۾ سيارو ايندي ئي گئس پريشر ۾گهٽتائي

مدئجي(ن ع آ ) سياري جي مند شروع ٿيڻ سان ئي مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سوئي گئس انتظاميا پاران گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري شهرين سخت پريشانين کي  منهن ڏيئي رهيا آهن ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب صبح جي وقت توڙي رڌ پچاءَ جي ٽائيم تي گئس نه هجڻ سبب هن جديد دور ۾ به شهري ڇيڻن ۽ ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن ته ٻي پاسي وري نوڪري ڪندڙ ملازم توڙي اسڪولي شاگرد پڻ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن،گئس نه هجڻ سبب اڪثر شاگرد توڙي سرڪاري ملازم بکي پيٽ اسڪول ۽ ڊيوٽين تي وڃڻ تي مجبور آهن، ان سلسلي ۾ شهرين اعجاز جوکيو،احسان هڪڙو،ماجدبلوچ،سخاوت ميربحر،سرفرازڀٽو ۽ ٻين شهرين دانهيندي چيوآهي ته سياري جي مند شروع ٿيندي ئي گئس انتظاميا هٿرادو گئس لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڏني آهي رڌ پچاءَ جي وقت گئس نه هجڻ سبب هن جديد دور ۾ به ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.