ڪوٽڙي ۾ پورهيت شادي جي ڏٽي ۾ عورت هٿان ٺڳجي ويو

ڪوٽڙي ( ت ر ) ڪوٽڙي واسي پورهيت عورت هٿان ٺڳجي ويو پيسا وٺي  نڪاح ڪري پيسا ٺڳيندڙ عورت گهر جو سامان به  کڻي وئي عدالت هراسمينٽ جو ڪيس به داخل خبر موجب  ڪوٽڙي سائيٽ جي رهواسي واڍڪو ڪم ڪندڙ پورهيت نظام الدين پنھور سان ٻن ٻارن جي ماءُ مسمات جويريا  هڪ لک روپين عيوض نڪاح ڪيو هڪ رات رهڻ بعد ستواڙي جو چئي گهر ويل عورت ڄامشورو جي عدالت پهچي سندس مٿان هراسمينٽ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، پيسن عيوض شادي ڪندڙ متاثر پورهيت نظام الدين پنھور دانهيندي ٻڌايو ته ارباب پنھور شاهنواز پليپوٽو مسمات جويريا سان اهيو چئي رشتو ڪرايو ته عورت بيواھ آهي ۽ در در جون ٺوڪرون پئي کائي مون احساس ڪندي ساڻس نڪاح ڪيو . جنهن جا شاهد گواھ پڻ موجود آهن رخصتي به ٿي هڪ رات گڏ رهڻ بعد صبح جو ساهرا کيس ستواڙي لاءِ وٺڻ آيا جنهن بعد واپس نه ٿي الٽو ئي مون مٿان هراسمينٽ جي درخواست ڏني وئي آهي، هن چيو ته نڪاح جي نالي تي مون سان وڏو فراڊ ڪيو ويو آهي جنھن جي حد جي ٿاڻي اين سي پڻ داخل ڪرائي آهي منهنجي عزت ۽ نفس تي وار ڪيو ويو آهي هن اعلي اختيارين کي انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل عورت ي وارثن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.