ٽنڊي محمد خان ۾ منشيات فروشن خلاف وٺ پڪڙ، 2 ڄڻا گرفتار

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)  ٽنڊومحمدخان پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪاروائي 2 ڄڻا گرفتار منشيات هٿ، خبر موجب ٽنڊو محمدخان پوليس سومرا محله لڳ روڊ تي ڪاروائي ڪندي مين پڙي جي سپلائر جوابدار ذوالفقار سومرو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 2000 مين پڙيون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيوآهي  ٻي پاسي مويا ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ بچل ڪلو وٽ ڪاروائي ڪندي جوابدار موسى ڦوٽو کي گرفتار ڪري وٽائنس وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪري سندس خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اثاثن جو ڪيس، صوبائي وزير اويس شاهه جي ضمانت ۾واڌ

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس وارو معاملو: سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران صوبائي  وزير اويس شاهه جي ڀاء جنيد قادر شاهه جي گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت 15 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. وڪيل مڪيش ڪمار جي ڪارڙا جو چوڻ آهي ته آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ شامل جنيد قادر شاهه جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران پنج لک روپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت 15 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي آهي جنيد قادر شاهه پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جو ڀائٽيو ۽ صوبائي وزير اويس قادر شاهه جو ڀاء آهي کيس ملڪ کان ٻاهر هجڻ ڪري مسلسل پيش نه ٿيڻ تي احتساب عدالت سکر طرفان جنيد قادر شاهه کي اشتهاري قرار ڏنو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.