تنگواڻي لڳ حادثي ۾ فوت ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور جو مڙهه وارثن حوالي

تنگواڻي (ن ع آ  )  گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ جي ويجهو چاڪر آباد روڊ تي ٽريڪٽر ڊرائيور معشوق علي سبزوئي فوت ٿي ويو  ٽريڪٽر ڊرائيور ڪرڻ سبب جي ٽيرن   هيٺ اچي ويو. لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. آپريشن کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڪيس درج نه ٿي سگهيو. جڏهن لاش گهر پهچڻتي   وارثن جي وچ ڪهرام  ۽ ماتم شروع ٿي ويو ۽جڏهن ته ڳوٺ جو ماحول سوگوار ٿي ويو

خيرپور اسٽاپن تي  مسافرن جي سهولت لاءِ  لڳل سولر پليٽون چوري

خيرپور (ڊر )  سي سيڪشن ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه باءِ پاس شاهه حسين وٽ بس اسٽاف تي مسافرن جي سهولت جي لاءِ لڳل سولر  سسٽم پليٽون نامعلوم چور لاهي کڻي ويا ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل رات دير سان نامعلوم چور سولر سسٽم وارا لوهه جا ٿنڀا پاڙ کان ڪيرائي ان ۾ لڳل 20 کان وڌيڪ سولر سسٽم پليٽون ۽ بيٽريون سوزڪي ۾ رکي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته سامهون بيٺل پوليس اهلڪار کين ڏسندا رهيا بس اسٽاف تي بيٺل فروٽ جي گاڏن وارون جو چوڻ آهي ته سي سيڪشن پوليس چورن سان ڀانڱي ڀائيور ۽ ساڻن ٻٽ ٻڻيل آهي آخري اطلاعن تائين حد جي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه وري ڪو جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي

جيڪب آباد عدالت 16 مڻ چرسن رکڻ  تي همراهه کي  عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد جي سيشن جج جي عدالت ساڍا 16 مڻ چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار کي عمر قيد 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ  اينڊ سيشن جج امجد علي ٻوھيو جي عدالت ساڍا 16 مڻ چرس رکڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قلعه عبدالله واسي جوابدار سميع الله پٽ بسم الله پٺاڻ کي عمر قيد پنج لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ڏنڊ جو رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد جي سزا ڪاٽيندو واضح رهي ته ايڪسائيز پوليس 22 جون 2020 تي ميھر شاهه وٽ مزدا نمبر ٽي ڪي ڪيو 523 کان تلاشي دوران ساڍا 16 مڻ چرس هٿ ڪيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.