باڊهه ۾اوباش نوجوان پاران شاگردياڻين سان ڇيڙڇاڙ معمول، نوٽيس وٺڻ جي گهر

باڊھ ( ن ع آ)  باڊھ شھر ۾ اسڪول، ڪاليج کلڻ ۽ بند ٿيڻ جي ٽائيم تي ڪجھہ اوباش قسم جا نوجوان موٽر سائيڪلن تي چڙھي نياڻين جو پيشو ڪن ٿا ۽ ڪجهہ رستن تي بيھي نياڻين کي حراسان ڪن ٿا. جڏھن تہ ميڊيا سان ڳالھائيندي  شھر جي ساڃاھ وندن ڪامريڊ قادر بروھي، ڊاڪٽر واحد بخش سولنگي، سائين ھدايت ﷲ ٻگهيو، اصغر نوناري، منور نوناري، انور علي عسڪري، زيب علي ساريو، رفيق احمد ابڙو، واحد سنڌي، آصف چنجڻي، مور سنڌي ۽ ٻين چيو تہ پوليس انتظاميا کان ڪيترائي ڀيرا گهر ڪئي آهي تہ اسڪول ٽائيم تي پوليس گشت ڪرايو وڃي.  ۽ رستن تي فضول بيٺل اوباش نوجوانن کي سختي سان روڪيو وڃي، ڪٿي ائين نہ ٿئي جو ڪجهہ اڻوڻندڙ واقعا پيش اچن. ان موقعي تي سينيئر استاد، نڪاح رجسٽرار سائين ھدايت ﷲ ٻگهيو چيو تہ باڊھ ٿاڻي تي کلي ڪچھري ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش کي عرض ڪيو ھيو تہ اسڪول ٽائيم تي باڊھ پل ۽ مختلف رستن تي اھلڪار تعينات ڪيا وڃن پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ اسان جي ڪيل جائز مطالبن جو ڪو بہ تدارڪ نہ ٿو ڪيو وڃي.  وڌيڪ ھنن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، آء جي سنڌ ۽ وسوارن اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪيو تہ اسان جي جائز مطالبن تي في الفور عمل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ پوليس انتظاميا خلاف روڊن تي نڪري احتجاجن جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.