ميهڙ لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ئي گهر جا 5 ڄڻا زخمي

ميهڙ ( ن ع آ )  ميھڙ انڊس ھاءِ وي نانڪ رام جي سيلر کان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زور دار ٽڪر 2 ننڊيون ڇوڪريون ھڪ عورت ھڪ 8  سالن جو ڇوڪرو ۽ ھڪ مرد سميت  ھڪ ئي ڱھر جا 5 ڀاتي زخمي ڳوٺ پکيڙا ماڇي جا رھواسي  مجاھد علي پٽ طالب سولنڱي علي شان پٽ مجاھد سولنڱي سميت سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي شھر وارن تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو جنھن ۾ 8 سالن جي علي شان جي حالت سيئرس ھجڻ سبب لاڙڪاڻا منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ٽڪر هڻندڙ موٽرسائيڪل وارو فرار ٿي ويو ,,

ڪنب ۾ ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ زخمي، ڊرائيور گرفتار

ڪنب ( ن ع آ )  ڪنب شھر ۾ اولڊنيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ويگن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ثناءُ الله تمراڻي زخمي ٿي پيو  جنهن کي ڪنب جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي جڏهن ته ڪنب پوليس ويگن ڊرائيور کي گرفتار ڪري ويگن تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

مهراڻ هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب همراهه جي ڄنگهه ڀڄي پئي

دريا خان مري  ( ن ع آ) مھراڻ نيشنل ھاءِ وي تي امن اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب دريا خان مري جي وارڊ نمبر 2 جو رھواسي 55 ساله منظور احمد چنه موٽر  سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي فوري طور تي نواب شاھ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو، نواب شاھ اسپتال م زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس ڄنگھه  ڀڳل ھجڻ سبب حيدرآباد آپريشن لاءِ منتقل ڪيو ويو جتي زخمي جي ڄنگھه جو آپريشن ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.