پڊعيدن ۾2 مقتولن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سوين ماڻهن جو ڌرڻو

پڊعيدن ( رپورٽ: ذيشان واسواڻو ) پڊعيدن ۾  25 ڏينھن اڳ۾ شاخ  مان ھٿ آيل ڳوٺ  عبدالحڪيم راڄپر جا 2 نوجوانن اعجاز راڄپر ۽ نوراحمد راڄپر جي قتل ڪيس ۾ گھربل غفار سولنگي گرفتار ن ٿيڻ خلاف  سوين ماڻهن جو نصرت ڪئنال  پل تي چار ڪلاڪ احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ٽائرن کي باهيون جنھڪري ٽريفڪ معطل ٿي ويي ڌرڻي ۾ رئيس شفيق ميان راڄپر احمد خان راڄپر  درگاھ پير جمن  شاھ جي  گادي نشين پير رڪن الدين قريشي  پپلز يوٿ غضنفر راڄپر  پ پ ش ڀ سچل راڄپر گلاب خان راڄپر زمان  راڄپر اختر  راڄپر  اڳوڻو يوسي چيرمن يوسف راڄپر ا حاجي حب علي راڄپر ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن سان گڏ پاڪ هيومن رائيٽس جسٽس آرگنائيزيشن جي چيئرمين  طالب راڄپر صوبائي صدر شبانا عباسي ضلع نوشهرو فيروز جي صدر شبانا والدين ۽ ٻين شرڪت  ڪئي.  ان موقعي تي راڄپر برادري پاران آء جي سنڌ ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ت اسان جي نوجوانن جوابدار کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ٻئي پاسي ايس ايس پي نوشهروفيروز جي حڪم تي سي آء انچارج يارمحمد رند ڌرڻي واري جاء تي پهچي وارثن کان پنجن ڏينهن جي مھلت ورتي   غفار سولنگي کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کان پوء راڄپر برادري پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ سي آء انچارج کي پڻ چتاءُ ڏنو ت اگر پنجن ڏينهن ۾ غفار سولنگي کي گرفتار ن ڪيو ويو ت وري ٻيهر ڌرڻو هڻي شهر ۾ شٽر بند هڙتال پڻ ڪنداسين ياد رھي 25 ڏينھن اڳم  شاخ مان نوجوانن جا لاش ھٿ آيا ھيا پڊعيدن ٿاڻي تي 4 نامزد جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو 3 جوابدار پڊعيدن پوليس گرفتار ڪيا  ھڪ جوابدار گرفتار ن ٿي سگھيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.