حيدرآباد ۾ حادثي ۾ زخمي سرڪاري ملازم فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ چوڪ وٽ گذريل رات دير سان موٽرسائيڪل تي ويندڙ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي  آفيس جو ملازم علي محمد عمراڻي اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ کانپوءِ سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش سندس وارثن جي حوالي ڪيو ويو، حادثي ۾ فوت ٿيل علي محمد عمراڻي قاسم آباد جي المصطفيٰ ٽائون ۾ رهندڙ هو، اصل نيو سعيد آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.