راڌڻ ۾ ننهن نه لاهڻ تان استاد جو شاگرد تي تشدد،زخمي، احتجاج

راڌڻ ( ن ع آ ) راڌڻ جي رانگڙ پاڙي  جي پرائمري اسڪول جي استاد پاران شاگرد رحمان خاصخيلي جي هٿ جا ننهن وڏا هئڻ تي سندس  مٿان مبينه تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو, ان سلسلي ۾ شاگرد جي والد نديم خاصخيلي پٽ رحمان خاصخيلي سميت استاد خلاف احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسڪول جي ھيڊ ماستر غلام رسول رند منهنجي معصوم  پٽ تي اسڪول ۾  بنا ڪنهن سبب جي هٿ اونڌا ڪرائي رول سان تشدد ڪري کيس  سخت زخمي ڪري وڌو, ماستر جي مار سبب نينگر خوفزده ٿي اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي،   ماستر جي تشدد سبب اسڪول جي هوم ورڪ ڪرڻ کان به لاچار بڻيل آھي, هن تعليم جي وزير سميت اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي هيڊ ماستر خلاف انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.