ٺٽي ۾ بين الصوبائي گينگ جا 2 جوابدار گرفتار

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽو پوليس جي ڪاروائي بين الصوبائي گينگ جا 2 ڄڻا گرفتار، 6 موٽر سائيڪل ۽ ھٿيار ھٿ، ڪيس داخل. خبر  موجب ايس ايڇ او مڪلي خالد نديم بيگ پنھنجي عملي سان گڏ گشت دوران ڳجھي اطلاع ملڻ تي مڪلي غلام الله روڊ ڀرسان ڪامياب ڪارروائي ڪري بين الصوبائي موٽر سائيڪل لفٽر گينگ جي 2 جوابدارن محمد احسان ولد آصف مھاجر ۽ حمزه ولد ظفر احمد قريشي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جن جي نشاندهي تي ڪراچي مان چوري ٿيل 6 موٽر سائيڪلون ۽ ھڪ پسٽل پوليس ھٿ ڪرڻ سميت جوابدارن کان پڇا ڳاڇا تي ھنن ڪافي چوري ٿيل موٽر سائيڪلون وڪرو ڪرڻ جو بہ انڪشاف ڪيو آهي، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آھي. جڏھن تہ سرڪار جي مدعيت ۾ گرفتار جوابدارن خلاف مڪلي ٿاڻي تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.