سکر ۾روهڙي واسين جو ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج

سکر(رپورٽر) روهڙي جي رهواسي شيخ برادري جي ماڻهن پاران علائقي جي بااثر شخص جي زيادتين خلاف ايس ايس پي آفيس  سکر ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مسمات تاج، شازيه بيگم، نجمه، جيجل ۽ ٻين چيو ته علائقي جي بااثر جوابدار جميل قريشي، سراج احمد ۽ ٻين علائقي ۾ ماڻهن تي ظلم جا پهاڙي ڪيري رهيا آهن. سندن خلاف شڪايتون ڪرڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، پوليس جوابدار ڌر جي چوڻ ته اسان جي گھرن تي حملا ڪري تشدد ڪري رهي آهي. هنن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.