ڪي اين شاهه ۾ اسڪول ۾ چاپڙ ڪري پيا، شاگردن ۽ استادن ۾ ڀاڄ

خيرپورناٿن شاهه ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان گورنمنٽ بوائز هاءِ  اسڪول گوزو ۾ هلندڙ ڪلاس دوران اوچتو ڇت جا چاپڙ ڪري پيا خوف ۾ ڪلاس ۾ ويٺل شاگردن  استادن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڪلاس ۾ ويٺل شاگرد توڙي استاد معجزاني طور تي محفوظ رهيا ڪو به شاگرد زخمي نه ٿيو اسڪول جي استاد سيد نياز حسين شاهه ٻڌايو ته اڄ معمول موجب اٺين ڪلاس جا شاگرد پڙھي رهيا هيا ته اوچتو آر سي سي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا شاگرد ۽ استاد محفوظ رهيا ھن ٻڌايو ته اسڪول جي پراڻي عمارت جا 5 روم جنهن ۾ 3 ڪلاس آھن ٻه آفيس روم آھن، جيڪي تمام قديمي آھن، جنهن جي صرف هڪ دفعو مرمت ٿي آھي 2010 جي مها ٻوڏ ۾ قديمي بلڊنگ ويتر زبون ٿي وئي هئي جنهن جي مرمت نه ٿي سگهي آھي، ان زبون حال جي بلڊنگ اندر قائم ڪلاس رومن ۾ وڏي انگ ۾ شاگرد تعليم پرائي رهيا آھن ته واقعو پيش آيو،

ڪنڌڪوٽ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج،ڪنڌڪوٽ ميڊيا سينٽر آڏو نهال الدين ڏاهاڻي احتجاج ڪندي  داهنيو آهي ته بااثر وڏيرا انور ڏاهاڻي، نظير، منير ،شبير ڏاهاڻي منهنجي زمين تي قبضو ڪيون ويٺل  آهي هن چيو ته ابن ڏاڏن کان وٺي زمين اسان جي آهي جيڪي بااثرن مختيار ڪار ۽ تپيدار رشوت وٺي کاتا تبديل ڪري ڇڏيا آهن متاثر ڳوٺاڻي داهيندي چيو ته زمين جي فصل تي ئي گذارو هو پر بااثرن زمين تي قبضو ڪري فاڪاڪشي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته وس وارن جي در در تي وڃي وڃي ٿڪجي پيو آهي پر ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي متاثر ڳوٺاڻي وس وارن ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ،ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.