گڊو ٿرمل پاور هائوس نو ڊمانڊ سبب بند،هزارين ملازم بيروزگار ٿيڻ جو خدشو

گڊو ( ن ع آ ) گڊو ٿرمل پاورهائوس جا تمام يونٽ بند ڪيا ويا آهن. ان سلسلي رابطو ڪرڻ تي گڊو ٿرمل پاورهائوس جينڪو 2 گڊو جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر حماد عامر هاشمي ٻڌايو ته سياري سبب ملڪ ۾ بجلي  جي کپت گهٽ ٿي وئي آهي. منگلا ۽ تربيلا بجلي گهر هلي رهيا آهن جنهن ڪري ملڪ ۾ بجلي جي ضرورت پوري ٿي رهي آهي. جيئن ملڪ ۾ بجلي جي ضرورت وڌندي ته گڊو بجلي گهر کي ٻيهر هلايو ويندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين گڊو ريجن جي وائيس چيئرمين نياز احمد سومرو ٻڌايو ته انتهائي سنگين مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي. وفاقي حڪومت اڳ ئي گڊو ٿرمل پاوهائوس جي چار يونٽن يونٽ نمبر 1-2-3-4 جو لائيسنس ختم ڪري ڇڏيو آهي.  ساڳي ريت ڪوٽڙي، ملتان ۽ فيصل آباد جي بجلي گهرن جا لائيسنس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي وري گڊو بجلي کي نو ڊمانڊ ڄاڻائي بند ڪيو ويو آهي. گڊو بجلي گهر بند ٿيڻ سان هزارين ملازمن کي سرپلس ڪيو ويندو. جنهن سان ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. وفاقي حڪومت آءِ ايف ايم جي ايماء تي 2022ع ۾ بجلي پيدا ڪندڙ جرنيشن ڪمپنين کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ چاهي ٿي جنهن خلاف هائيڊرو يونين مسلسل احتجاج ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هزارين خاندانن کي دربدر ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.