سنڌ ۾ عورتن تي جبر ٿي رهيو آهي:سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)  عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، مريم  گوپانگ، ماهه نور ملاح ۽ زرقا هاليپوٽو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت عروج تي آهي. سنڌ جي معصوم نياڻين کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرڻ، جنسي هوس جو نشانو بڻائڻ ۽ سڱ چٽي ۾ ڏيڻ روز جو معمول بڻيل آهي. سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪابه شئي نه آهي. لڪي غلام شاهه ۾ معصوم نياڻي کي ڪارو ڪاري جو الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، کاهي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪيل گلشانه شر جا سمورا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن، گهوٽڪي ۾ معصوم اقصى ۽ اقرا کي سڱ چٽي ۾ ڏنو ويو آهي. شهداد پور ۾ اٺن سالن جي نياڻي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي. وڳڻ ۾ رخسانا سومرو، ڄام صاحب جي ڳوٺ مير حسن رند ۾ چار ڏينهن اڳ نمرا رند کي قتل ڪيو ويو آهي، اهڙن لڱ ڪانڊاريندڙ عورت دشمن واقعن جو سنڌ سرڪار ڪوبه نوٽس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. الٽو حڪومت ۾ ويٺل وڏيرا، سردار، جاگيردار ۽ ڀوتار جرڳا ڪري عورتن کي ڪارو ڪاري قرار ڏيئي موت جا پروانا جاري ڪن ٿا. معصوم نياڻين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جا سرِ عام فيصلا ڪن ٿا. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته عورتن جي تحفظ لاءِ قانون موجود آهي، پر ان تي ڪوبه عمل نٿو ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جرڳن تي پابندي آهي، پر ان جي باجود سرِ عام جرڳا ڪيا وڃن ٿا، قانون تي عمل ڪرائندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. اڳواڻن چيو آهي ته عورتن جي قتلن ۽ سڱ چٽي ۾ ڏيڻ واري عورت ۽ انسان دشمن عمل ۾ مقامي پوليس انتظاميه ڏوهارين سان برابر جي شريڪ هجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.