ڪنڌڪوٽ ۾ ڳوٺاڻي جو ڌمڪين خلاف مظاهرو

ڪنڌڪوٽ( ڊ ر ) ڳوٽ سخي صوبدار جي رھواسي حافظ عبدالرازق نندواڻي پنھنجي نوجوان ڀائيٽي عبدالرحمان سان گڏجي پريس  ڪلب ڪنڌڪوٽ پھچي دانھيندي چيو تھ ٽي سال اڳ اسان امداد علي بجاراڻي کان پنجيتاليھ جريب زرعي زمين خريد ڪئي جنھن جا پيسا بھ اسان ھڪ ڪروڙ پنج لک ادا ڪري چڪا آھيون ان باوجود بھ ھو اسان کي قبضو ڏيڻ لاء تيار نھ آھي ۽ ھو باثر ھءڻ ڪري اسان مٿان پنھنجي ضلعي سميت ٻين ضلعن ۾ بھ ڪيس درج ڪري اسان کي ھيسايو پيو وڃي ھنن چيو تھ اسان مسڪين آھيون اسان جي ڪير بھ دانھن ٻڌڻ وارو نھ آھي.  ھن وقت بھ اسان کي موت مار ڌمڪيون ملن پيون  ۽ مون باربار خودڪشي ڪرڻ جو سوچو بي آھي پر معصوم ٻارن جي ڪري ظلم بردايشت ڪيون ٿا اسين وس وارن آء جي سنڌوزيراعلاسنڌ ۽  ايس ايس پي ڪشمور ايس ايس پي شڪارپور  سميت  اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون تھ اسان جي ڪيل احتجاج جو نوٽيس وٽي ساڻن انصاف ڪيو وڃي ،

وڳڻ ۾واٽر مئنجمينٽ ملازمن پاران پڪو ڪرڻ جو مطالبو

پکو ( ن ع آ ) وڳڻ ۾ ايڪس اين پي آء ڊبليو سنڌ واٽر مينيجمنٽ ڊيلي ويجز ملازمن جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري جنهن جي صدارت  سنڌ جي صدر ممتاز علي پنهور ڪئي گڏباڻي ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي صدرن ۽ فوڪل پرسن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي سنڌ جي صدر ممتاز پنهور خطاب ڪندي چيو ته گذريل 14سالن کان وٺي اسان کي نه ته ريگيولر ٿو ڪيو وڃي ۽ نه وري هر مهيني پگهار ٿي ڏني وڃي , ڪيتري عرصي کان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون پر سنڌ حڪومت اسان سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي آھي. هاڻ اسان ڊسمبر ۾ مڪمل آفيسن جا تالا بند ڪري هڪ آواز ٿي تحريڪ جو اعلان ٿا ڪريون , گڏجاڻي ۾ نياز حسين شر چيو ته حڪومت اسان کي ريگيولر نه ڪيو ته اسان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪنداسين , ان موقعي تي ضعلي قمبر جو فوڪل پرسن سيد صالح شاھ , ڊويزنل فوڪل پرسن غلام محمد ڏيٿو , احسان علي ٽوٽاڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پراجيڪٽ ايڪس اين پي آء ڊبليو جا سمورا ملازم ٽيڪنيڪل اسٽاف کي ريگيولر ڪيو ويو آھي ۽ اسان نان ٽيڪنيڪل اسٽاف کي پڪو نه ٿو ڪيو وڃي  جڏهن ته هاء ڪورٽ ڪراچي اسان کي ريگيولر ڪرڻ جو پڻ حڪم نامو جاري ڪيو  آھي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين اسان کي ريگولر نه ڪيو آھي اسان اپيل ٿا ڪريون چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ ۽ سنڌ حڪومت ۽ ايگريڪلچر وزير کي ته خدار ٻين ملازمن جيان اسان کي به ريگولر ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ  اندر احتجاجي تحريڪ  هلائنداسين .

وارهه ۾ هٿرادو مهانگائي سبب عوام عذاب ۾ ورتل

وارھ ( ن ع آ )  شھر ۾ هٿرادو مهانگائي ۽ کاڌ خوراڪ جي غير معياري عام واهپي جي شين جي عام وڪري خلاف سماجي ورڪرن  فرحان ڪاڪيپوٽو ۽ جئڪال ڪلهوڙو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي اٺين ڏهاڙي به پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي عملدارن جي مجرماڻي خاموشي ۽ معاملي کان لاتعلقي خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو بيان ڏيندي چيو ته ، شھر ۾ سبزي فروشن طرفان سبزي جا  اگھ به هڪ پورهيت جي ڏهاڙي واري رقم کان ٻيڻا بڻائي مزدور طبقي کي لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.  هنن ، الزام مڙهيندي ٻڌايو ته شھر ۾  ڪثير تعداد ۾  مدي خارج ، ملاوٽ ٿيل ۽ غيرمعياري  عام واهپي جي شين جو وڪرو عام ڪري صحت سان مزاڪ ڪئي وڃي

حيدرآباد ۾ گئس جي بندش خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي لياقت ڪالوني ميمڻ پلازا جي رهواسي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن گذريل ڏيڍ مهيني کان علائقي ۾  گئس نه اچڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سليم احمد، محتون خاتون، توفيق احمد، مسمات سڪينه ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏيڍ مهيني کان سندن علائقي ۾ گئس نٿو اچي، جنهن سبب تمام گهڻو پريشان آهيون، گئس نه اچڻ سان ٻارڙا اسڪول به نٿا وڃي سگهن ۽ ٽائيم تي ماني به نٿي ملي سگهي. ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين وٽ بار بار دانهيو آهي پر اڃا گئس بحال نٿي سگهيو آهي، گئس نه هجڻ ڪري وڏي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيون،  جڏهن ته اسان جي گئس ميٽرن جا بل به ڪليئر آهن، پوءِ به گئس مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي. s. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته جلد علائقي ۾ گئس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.17

سکر مان مينهن جا واڙا منتقل نه ٿيا، عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

سکر(رپورٽر) سکر شهر ۾ قائم مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جي حوالي سان داخل  پٽيشن جي ٻڌڻي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران ضلعي انتظاميا پاران سندن وڪيل پيش ٿيو، عدالت مينهن جا واڙا شهر مان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان کانئس پڇاڻو ڪيو، جنهن تي هن عدالت کي ٻڌايو ته انتظاميا مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ ڪاروايون ڪري رهي آهي، جنهن تي عدالت ضلعي انتظاميا کي هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي پٽيشن جي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت ضلعي انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي ته هڪ مهيني اندر مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر منتقل ڪيا وڃن. . جيڪڏهن ڪوبه واڙي جو مالڪ پنهنجي مينهن جو واڙو ٻاهر منتقل نٿو ڪري ته ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.