مير پور ماٿيلي لڳ ڳوٺاڻي جون ڳئون ۽ چار ٻڪريون چوري

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) ميرپورماٿيلو لڳ نامعلوم چور ڳوٺاڻي جي ڳئون ۽ چار ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا،کوجي ڪتن  ذريعي پوليس لونگ بوزدار جي گھر ۾ پيرا وجھي چوپايو مال ماري ڍڪ حوالي ڪيا،ان سلسلي ۾ ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بھادر بوزدار ۾ گذريل رات 4 نامعلوم چور زبردست بوزدار جي گھر ۾ گھڙي ھڪ ڳئون ۽ چار ٻڪريون چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنھن جا پيرا کوجي ڪتن جي مدد سان کنيا ويا، جيڪي سھانجڙو بوزدار ۾ لونگ بوزدار جي گھر ۾ وڌا ويا، جتان پوليس ڪيتريون ڳئون ۽ ٻڪريون ماري ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون،آهن

گستاخ خاڪن خلاف لاڙڪاڻي ۾احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جماعت اسلامي حلقه خواتين لاڙڪاڻو طرفان گستاخانه خاڪن جي اشاعت خلاف نظاماڻي ليبر هال کان احتجاجي  ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪري هٿن ۾ جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ليبڪ يا رسول الله جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. ان موقعي سنڌ جي ناظمه عطيه نثار، ناظم لاڙڪاڻو ريحانه امام، عائشه ظهير، عظميٰ اظهار ۽ ٻين چيو ته پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم سان محبت اسان جي ايمان جو حصو آهي جڏهن ته اسلام سلامتي ۽ سڀني مذهبن جو احترام ڪرڻ وارو دين آهي، پوري دنيا ۾ ڪڏهن به مسلمانن ڪنهن به مذهب سان واسطو رکندڙ ڪنهن عظيم پيشوا جي شان ۾ گستاخي ناهي ڪئي. هنن چيو ته فرانس جي صدر ۽ حڪومت پنهنجي لاءِ آزادي ۽ حقن جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا پر انهن کي ٻين جي آزادي ۽ حقن جو ڪو به خيال ناهي، فرانس جي حڪومت طرفان پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪري پوري دنيا جي مسلمانن جي آزاري ڪئي آهي اسين اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪري حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته قومي سطح تي فرانسي شين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري فرانس جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي، سڀني اسلامي ملڪن جي سربراهن کي اپيل آهي ته هو پنهنجن پنهنجن ملڪن مان فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏين ۽ اقوام متحده کي ان معاملي تي آواز اٿاري عالمي سطح تي جامع قانون سازي ڪئي وڃي جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.

سئي گئس ۾ ٻن ڄڻن جا قاتل آزاد گهمڻ لڳا، احتجاج

سوئي گيس ( ن ع آ )  راڄپر برادري جي سردار ميان خالد حسين راڄپر جي ڪيل اعلان تي  سياسي سماجي اڳواڻ آصف علي راڄپر ، واجد علي , محبوب علي , واصف علي راڄپر جي اڳواڻي ۾ راڄپر برادري سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهن احتجاج ڪندي چيو ته پنجويھ ڏينھن اڳ پڊعيدن پوليس ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿي ويل ٻن نوجوانن اعجاز ۽ نور احمد راڄپر جي قاتلن کي پوليس گرفتار ڪرڻ بجاءِ تحفظ ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پڊعيدن پوليس جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻيل آهي پنجويھ ڏينھن گذرڻ باوجود ٻن نوجوانن جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار غفار ماڇي (سولنگي) کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ کيس تحفظ ڏئي رھي آھي جنھن مان ثابت ٿي رھيو آھي پڊعيدن پوليس امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ بجائي امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهي ٿي قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب متاثرين ۾ مايوسي سان پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رھيا آھن ان موقعي تي سندن وڌيڪ چوڻ ھيو ته اسان لاڳاپيل اداري جي فرض شناس ۽ ايماندار آفيسرن کان مطالبو ٿا ڪريون ته پڊعيدن پوليس ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او جي خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ٻن نوجوانن جي قتل ۾ ملوث ڏوھاري کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

احتجاج جو نوٽيس، تعليم کاتي گهوٽڪي جي چوڪيدار جون آءِ ڊيز کولڻ جو حڪم

خانپورمهر(رپورٽ:ميهرمهر) پ پ ايم اين اي ۽ مهر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش  خان مهر ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس گهوٽڪي جي سب اڪائونٽنٽ خلاف تعليم کاتي جي چوڪيدار امتياز دايو جي ڪيل احتجاج تي نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايتون ڪيون آھن ته احتجاج ڪندڙ چوڪيدار ۽ ٻين ملازمن جون 2 ڏينهن ۾ آء ڊيز کولائي ڪرپٽ ملازمن کان کين تحفظ  ڏياريو وڃي. ۽ چوڪيدار جي حق تي راتاهو هڻندڙ آفيسر کانئس هر صورت ۾ کيس پهچايل تڪليف جي کانئس معافي وٺي. سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ڏسي کيس تمام گهڻي ڏک پهتو آھي.  ۽ کيس تڪليف ٿي آھي . چوڪيدار جي احتجاج جو هر صورت ۾ ازالو ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.