حيدرآباد لڳ پوليس ڪاهه، تشدد، 5 ڄڻا گرفتار، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي پٻڻ ٿاڻي جي حد ۾ پٻڻ پوليس پاران گهر تي چڙهائي ڪري ٻن عورتن ۽ 13 سالن جي نينگر سميت 5 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف سولنگي برادري جي عورتن  حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عنايتا الزام هڻندي چيو ته 4 نومبر جي رات پٻڻ ٿاڻي جي ايڇ او جي اڳواڻي ۾ هڪ موبائيل ۽ هڪ ڊوم وين ۾ سوار سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار سندن گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد مسجد جي پيش امام فضل قادر سولنگي، رابيل علي، 13 سالن جي رمضان علي، مسمات گلستان ۽ مسمات ملوڪان خاتون کي کنڀي کڻي وئي ۽ گهر مان 4 ٻڪريون، 2 ڍڳيون، 2 عدد موبائل فون ڦر ڪري کڻي ويا آهن. هنن چيو ته پوليس اهڙي ڪارروائي هڪ بااثر شخص جي چوڻ تي ڪئي آهي، هو بااثر شخص کانئن انتقام وٺڻ چاهي ٿو. هنن گهر ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي سندن کڄي ويل ماڻهن کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.