ڪڪڙ ۾ پستول سان راند ڪندي نينگر زخمي

ڪڪڙ ( ن ع آ ) ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ٺارو آرائين ۾ محب آرائين جي گھر ۾ 9 ورھين جي نينگر ڪامران و لد ميھر ۽ سندس  سوٽ 12 ورھين جي نينگر عرفان ولد نواب آرائين  پستول سان ٻئي پاڻ ۾ راند ڪرڻ دوران نينگر ڪامران ھٿان اوچتو پستول جي گولي ڇٽڻ دوران نينگر ميھر کي لڳڻ سبب زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي  وارثن پاران نينگر کي زخمي حالت ۾ دادو اسپتال کڻائي ويا جتي ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ سبب نواب شاھ ريفر ڪيو ويو ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا  زخمي نينگر جي امڙ ٻڌايو ته زخمي نينگر جي ڏاڏي محب علي جي گھر ۾  صبح سوير چانھه ڪرڻ دوران ٻئي ٻارڙا کٽ تي پستول سان رند ڪري رھيا ھئا ته اوچتو ڪامران ھٿان گولي ڇٽڻ سبب پٽ کي لڳي جيڪو زخمي ٿي پيو واقعو اتفاقي سبب پيش آيو آھي ڪڪڙ پوليس جو چوڻ آھي ٻئي ڌريون پاڻ ۾ عزيزآھن جاچ ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته واقعو اتفاقي سبب پيش آيو آھي ڪابه ڌر ٿاڻي تي ن پھتي آھي.

نصير آباد ۾ ڪاروائي، ڪيميڪل مليل کير ضايع

نصيرآباد( ن ع آ ) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ نصيرآباد ڪامران خان سنديلو جي ھدايتن تي فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي  لاڙڪاڻو جي ٽيم نصيرآباد شھر ۾ ڪيميڪل واري کير ۽ کاڌ خوراڪ جي غير معياري شين جي وڪري خلاف مختلف ھوٽلن، کير جي بٺين، کير جي ڊيرين، لوڻ ۽ مرچ تيار ڪندڙ ڪارخانن تي ڇاپا هڻي ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪندڙ بٺي مان ھٿ آيل کير ھاري ڇڏيو ۽ 22 ھزار موقعي تي ڏنڊ وصول ڪيو، جڏھن ته ھڪ کير جي ڊيري، ٻه مرچن جا ڪارخانا ۽ ھڪ لوڻ جي ڪارخاني کي صفائي سٿرائي نه ھجڻ ۽ ڪورونا وائرس سبب ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب سيل ڪيو ويو، جڏھن ته ھوٽل مالڪن کي نوٽيس ڏيندي کين پابند بڻايو ويو ته بنا دير ھوٽلن جي رجسٽريشن ڪرائي وڃي ۽ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.