تنگواڻي ۾ميونسپل ملازمن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا گرفتار

تنگواڻي( ن ع آ )  ميونسپل ڪاميٽي ۾ ملازمن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران پوليس پهچي ٻن ڄڻن چاچي ڀائٽري ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن تہ گرفتار ٿيل ٻنهي ڄڻن کي ٽائون آفيسر جي مداخلت  بعد آزاد ڪيوويو، هوڏانهن ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ سندس ڀائٽري عابد علي نصيراڻي ٻڌايو تہ منٿلي 10 هزار روپين تي جهيڙو ٿي پيو، ميونسپل جي سينيٽري انسپيڪٽر ممتاز علي پنهيار 10 هزار روپيا رشوت   طلب ڪئي جيڪي نہ ڏيڻ تان گار گند ڪئي ۽ پوليس کي گُهرائي گرفتار بہ ڪرايو، ٽائون آفيسر فاروق پٺاڻ جي مداخلت تي آزاد ٿيا آهيون ۽ ٽائون آفيسر فاروق پٺاڻ بہ جلد اچي معاملي جي مڪمل تفصيلي جاچ پڻ ڪنداسين,

احمدپور لڳ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

احمدپور ( ن ع آ ) احمدپور لڳ ڳوٺ وڏا خواجه ۾ خواجه برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  ھلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڌر جو نوجوان ضياءُ الرحمان خواجه سخت زخمي ٿي پيو آهي، زخمي نوجوان جو احمدپور  ٿاڻي تان ليٽر وٺڻ بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ زخمي ٿيل نوجوان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  زمين تي فصل کي پاڻي ڏئي رھيو ھئس ته مخالف ڌر جي آصف خواجه، منير خواجه، مير خواجه ۽ ٻين ھٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪري فائرنگ  ڪري فرار ٿي ويا آهن،  جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل ڌر جي علينواز خواجه ٻڌايو ته مان پٽن سميت خيرپور ۾ رهندو آهيان، منهنجا پٽ آصف علي ۽ منير خواجه مون سان گڏ خيرپور ۾ رهندا آهن، اسان مٿان الزام بي بنياد آهن ۽ مخالف ڌر اسان 4 ماڻهون قتل ڪيا آهن، جن ڪيس هلندڙ آهن  رابطو ڪرڻ تي احمدپور پوليس ٻڌايو ته خواجه برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار  ھلندڙ آهي  وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.