لاڙڪاڻي آيل نئين ديري واسي نينگر گم، وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي موبائيل مارڪيٽ ۾ آيل نئون ديرو شهر جي غريب آباد جوڳي پاڙي جو رهواسي 16 سالن جو نوجوان  حسين بيگ عرف وسيم ميراڻي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي وارثن احتجاج ڪندي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه گم ٿيل نوجوان جي بيواهه امڙ بيبل خاتون پنهنجي ڏيرياڻي ڌياڻي خاتون ۽ نناڻ جي پٽ تاج مير سان گڏجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيو ته 12 سال اڳ مڙس کي بلوچستان جي ٺيپل واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو ان کان بعد آءُ گهر ۾ رليون ٺاهي سلائي مشين جي ذريعي ڪپڙا سبي پنهنجي ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي سار سنڀال ڪري گهر جو خرچ هلائيندي آهيان. هن چيو ته گذريل ڏينهن منهنجو پٽ حسين بيگ عرف وسيم ميراڻي پنهنجي ماسات تاج مير ميراڻي سان گڏجي موٽرسائيڪل تي لاڙڪاڻي شهر جي موبائيل مارڪيٽ آيو جتان هو موٽرسائيڪل سميت پراسرار نموني گم ٿي ويو اهڙو اطلاع حد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو جنهن تي پوليس موبائيل مارڪيٽ جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري پٽ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته اسان جي مردن طرفان لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ به ڳولا جاري آهي پر ان جي باوجود پٽ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتين سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن آءِ جي سنڌ، لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوجوان پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.