گولاڙچي لڳ ڪاهه، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، پرڻو ڪندڙ ڳورهاري اغوا، احتجاج

بدين (  رپورٽ:  رازقڏنوکوسو ) ٿر جي ڳوٺ ڪپوريو مان سارين جي لاباري تي گولاڙچي آيل ڀيل خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن ٻڌو ڀيل، آچار ڀيل، لالجي ڀيل ۽ ٻين ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ  کانپوءِ صحافين اڳيان دانھيدي چيو ته اسين مسڪين پورھيت ماڻهو آھيون ۽ گولاڙچي لڳ چڪ نمبر 41 ۾ پنھنجي عورتن سان گڏ جهوپڙيون اڏي ويٺل آهيون ۽ سارين جو لابارو ڪري پيٽ گذر ڪري رھيا آھيون، ڇھه ڏينهن اڳ ۾ سارين جي لاباري دوران بااثر زميندار پنھنجي ھٿياربندن ذريعي اوچتو حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڏھ مھينا پھرين سيشن ڪورٽ بدين ۾ ٻڌو ڀيل ولد سوائي ڀيل سان پيار جو پرڻو ڪندڙ مسمات ٻائي ڀيل کي زوري کنڀي کڻي ويا آهن مظاهرين چيو ته مسمات ٻائي ستين مھينن جي حمل سان آهي ۽ بااثر زميندار کيس اغوا ڪري سندس مائٽن گلو ڀيل. جمع ڀيل. گلاب ڀيل. حاجو ڀيل. جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان کي شڪ آهي ته ان جا مائٽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ھنن وڏي وزير ، آءِ جي سنڌ  ايس پي بدين نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.