گهوٽڪي مان 6 مهينا اڳ اغوا ٿيل پورهيت پاڻ ڇڏائي ٿاڻي پهتو

پنوعاقل (رپورٽ : نور محمد سومرو) گھوٽڪي جي قادرپور لڳ ٿاڻو ڪچو ٻنڊي 2 جي حد ڳوٺ سردار خان چاچڙ جو رھواسي  عبدالرحمان ولد عبدالڪريم چاچڙ عمر 25 سال جنھن ڳوٺ جي ڪوڙو چاچڙ جي ڌيءَ مائي شريفان سان پيار جو پرڻو ڪيو،جنھن بعد ٻن سالن کانپوءِ کيس جي صالن مولابخش ،الھداد، ابراھيم، رمضان چاچڙ گذريل ڪڻڪ جي لابارن دوران ٻني مان ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا ھئا،بازياب ٿيل عبدالرحمان بائيجي ٿاڻي تي پنھنجي عزيزن بائيجي پوليس جي موجودگي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جئين مونکي سالن اغوا ڪري کڻي ڪچي ڌاڙيلن وٽ پھچايو ته اتي ھو مونکي قتل ڪرڻ جي لاءِ پلانگ ڪري ھٿيار تاڙيا ته مان کي کين کي قرآن شريف جا واستا وڌا ان کانپوءِ مونکي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو،جيڪي مونکي عزيتون ڏيندا رھيا ۽ 3 لک ڀنگ گھرندا رھيا،جنھن بعد ان علائقي ۾ پوليس آپريشن جو ٻڌي مونکي وري ٻيڙي ذريعي کڻي ھڪ ٻي علائقي ۾ وٺي ويا،ھميشه کٽ سان ٻڌل ھوندو ھيس،ماني ڪڏھن ڪڏھن ڏيندا ھئا ۽ ڌاڙيل تشدد به ڪندا ھئا، ھڻ چيو ته گذريل رات منھنجي آڏو ڪو به نظر نه آيو،سر سان تالو ٽوڙي ٻڌل زنجير سميت فرار ٿي گھڻي پنڌ کانپوءِ ڏٺم ته لائيٽيون نظر آيون جيڪو سي پيڪ روڊ ٻڌايو ويو ۽ اتان گذرندڙ بائيجي پوليس جي گاڏي ڏسي ھٿ ڏنم جنھن چيو ته مان ايس ايڇ او بائيجي آھيان مونکان پڇا ڳچا ڪري ٿاڻي تي وٺي آيو جنھن کانپوءِ پوليس مونکان وارثن جو نمبر وٺي انھن کي ٻڌايو،جتي امڙ مائي گلان،ڀاءُ سجاول،عبدالشڪور،چاچو عبدالحليم ۽ ٻيا پھتا جتي بائيجي پوليس سان لکت ڪري مونکي عزيزن جي حوالي ڪيو،ھن چيو ته مان ميڊيا آڏو بيان رڪارڊ ڪرايان ٿو ته مونکي سالن جي ظلمن کان بچائي 6 مھينا قيد رکڻ وارو عدالتي انصاف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.