خانپور مهر ۾پسند پرڻي جي سزا، نوجوان زال، پيءُ ۽ ڀاءُ سميت گرفتار، احتجاج

خانپورمهر(رپورٽ:ميهرمهر) ڪنڌ ڪوٽ ۽ خانپورمهر پوليس واهي گهوٽو ۾ ڪاروائي ڪندي 5 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب ڪنڌڪوٽ ۽ خانپورمهر پوليس خانپورمهر  لڳ واهي گهوٽو ۾ ڪاروائي ڪندي پنج مهينا اڳ رحيميار خان جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي شاهد ۽ سيما شيخ کي گرفتار ڪري خانپورمهر ٿاڻي تي کڻي آئي جتي خانپورمهر پوليس ڪاروائي جي انٽري بعد جوڙي کي ڪنڌڪوٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد ڪنڌڪوٽ پوليس جوڙي کي پاڻ سان گڏ ڪنڌڪوٽ کڻي وئي،  ان سلسلي ۾ خانپورمهر ٿاڻي جي وڏي منشي سعيد شر ٻڌايو ته ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اي ايس آء طارق کوسو جي اڳواڻي ۾ڪاروائي ڪندي واهي گهوٽو مان نوجوان شاهد شيخ ۽ ناري سيما شيخ کي هٿ ڪري خانپورمهر ٿاڻي تي کڻي آيا ڪنڌ ڪوٽ پوليس موجب ته نوجوان شاهد شيخ مٿان ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي تي ناري سيما شيخ جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي، ان ڪيس ۾ پوليس نوجوان شاهد شيخ ۽ ناري سيما کي پاڻ سان گڏ ڪنڌ ڪوٽ کڻي وئي. ان سلسلي ۾ نوجوان شاهد شيخ جي امڙحميندان شيخ خانپورمهر ٿاڻي تي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ شاهد شيخ پنج مهينا اڳ رحيميار خان جي عدالت ۾ ناري سيما شيخ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد ڪنڌ ڪوٽ ۾ وڏيرن ۽ ناري جي وارثن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو هو جنهن ڪري اسين ڪنڌ ڪوٽ جي گوليمار واري علائقي ۾ پنهنجو گهر ڇڏي خانپورمهر لڳ واهي گهوٽو ۾ ترسيل هئا سين ته پوليس ڪاروائي ڪندي منهنجي مڙس غفور شيخ، پٽ شاهد، ٻئي پٽ ساجد ۽ ننهن سيما کي گرفتار ڪري ڪنڌ ڪوٽ کڻي وئي آهي نوجوان شاهد شيخ جي امڙ وس وارن کي اپيل ڪئي ته فوري طور گرفتار ٿيل منهنجي ٻن پٽن، مڙس ۽ ننهن کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.